رتوديرو (ن پ ا) رتوديرو واسي 2 ڄڻا نوڪريون ڏيارڻ جي آسري تي پنج لک روپيا وڃائي ويٺا. شهر جي ٻپڙ محلي جي رهواسي آفتاب علي ٻپڙ ۽ لقمان چانديو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڊي ايڇ او آفيس لاڙڪاڻي جو ڪلارڪ عرفان ڀٽو اسان کي پٽيوالي ۽ چوڪيداري جي سرڪاري نوڪري وٺي ڏيڻ بهاني فراڊ ڪري پنج لک روپيا ڦٻائي ويو آهي، هنن چيو ته ٻه نوڪريون وٺي ڏيڻ لاءِ هن اسان سان 8 لک روپيا طئي ڪيا ۽ چيو ته پنج لک روپيا هاڻي ڏيو ۽ باقي 3 لک آرڊر ملڻ بعد ڏجو، هنن چيو ته ڄاڻايل شخص نه پئسا واپس ٿو ڪري ۽ نه ئي نوڪريون وٺي ڏنيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي 5 لک رپيا واپس ڪرايا وڃن.