لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو عملدارن شهر جي مختلف علائقن اولڊ بس اسٽينڊ ۽ شاهه آباد سميت ٻين هنڌن تي بجلي چورن ۽ غيرقانوني ڪنڊا ڪنيڪشن خلاف ڪاروائي ڪندي 150 کان وڌيڪ ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽي تارون ضبط ڪري ڇڏيون. ان حوالي سان سيپڪو عملدارن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ بجلي چورن ۽ غيرقانوني طور ڪنڊا ڪنيڪشن ذريعي بجلي واپرائيندڙن خلاف مخصوص ٽيمون جوڙي ڪاروائيون تيز ڪيون ويون آهن، هنن چيو ته بجلي چورن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.