خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ضلعي انتظاميا پاران سرڪاري ملڪيتون ڄاڻائي 38 دڪانن کي سيل ڪرڻ واري عمل خلاف متاثر دڪاندارن ۽ واپارين ڇٽي چوڪ وٽ احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عاشق عباسي، غلام سرور پٺاڻ، سليم الله پٺاڻ، عادل شيخ، جان محمد سيال، عمر ڌاريجو، بدرالدين صديقي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٻن مهينن کان 38 دڪان بغير ڪنهن سبب ۽ نوٽيس جي سيل ڪيا ويا آهن جيڪا ناانصافي آهي، ڊي سي واپارين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي، هنن الزام مڙهيو ته ڊي سي دڪان کولڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ اسان کان ڪروڙين رپيا رشوت گهري رهيو آهي. واپارين چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن دڪان کولڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته ٻارن سميت پاڻ ساڙينداسين.