ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) پاڪستان ۾احتجاجن ۽ هڙتالن واري سياست اسٽاڪ مارڪيٽ کي به لوڏي ڇڏيو، ڪاروباري هفتي جو پهريون ڏينهن اسٽاڪ مارڪيت لاءِ منفي ثابت ٿيو، ڏينهن جي شروعات ۾ 100 انڊيڪس 699 پوائنٽن سان بينڊ ۾ رهيو، جڏهن ته شام ڌاري 100 انڊيڪس 392 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 44913 پوائنٽن تي بند ٿيو، ڪالهه 12.71 اربن جي ماليت جي 36 ڪروڙ شيئرز جا سودا ٿيا، جڏهن ته ڪيپٽلائيزيشن 52 ارب جي گهٽتائي سان 7851 اربن تي پهتي.