ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هڙتال سبب صرافه بازارون بند رهيون، جنهن سبب سون ۽ چاندي جو ڪاروبار نه ٿي سگهيو، سون 103300 رپيا ۽ چاندي1350 رپيا في تولو تي بيٺل رهيا، هوڏانهن ڊالر 10 پئسا لاٿ سان 153.5 مان 153.4 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 2 رپيا واڌاري سان 211 مان 213رپين تي پهتو، ٻئي طرف يورو 50 پئسا لاٿ سان 183.5 مان 183 رپيا ٿي ويو.