ڪنڊياري (ن پ ا) ڪنڊياري، نئون آباد موڙ، دلشاد شاخ ۽ قاضي شاخ اسٽاپ تي رمضان شريف جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي منافعي خور دڪاندارن هر شيءِ جا اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيا. جڏهن ته مڇي 450 رپيا في ڪلو، ننڍو گوشت800، مرغي 450، ڀينڊي80، ٽماٽا 50، آلو 40، ھنداڻو 50، کجور 200، صوف 200 رپيا، چانور منا 130، گيهه 280، کنڊ 100 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. جڏھن ته شھر اندر ڪنهن به ڪريانه اسٽور يا سبزي جي دڪان تي ريٽ لسٽ ناهي ، ھتان جي رھواسين سڪندر، اصغر علي شر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنڊياري ۽ ڀرپاسي ۾ هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، هنن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ڪنڊياري شهر ۾ ريٽ لسٽ تي عمل ڪرائي منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري مهانگائي تي ضابطو آڻي غريبن کي رليف ڏنو وڃي.