اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري ڀرسان ڪنڊياري لڳ فصل جي ڀيل تان لاشاري ۽ ٻانڀڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب لاشاري برادري جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ علي بخش، رسول بخش، محمد ،صوبو ۽ ارباب علي لاشاري شامل آهن، متاثر ڌر الزام هڻندي چيو ته ٻڪري ڪڻڪ جي ديري ۾ پيئي ته فصل جي ڀيل جو جواز ڄاڻائي جوابدارن اسان تي حملو ڪري 5 ڄڻا زخمي ڪيا، ٻي طرف متاثر ڌر ٿاڻي تي پهتي، جتي پوليس کين ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو.