راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور ۾ هٿرادو گئس لوڊشيڊنگ خلاف وائيس آف راڻيپور پاران سوئي سدرن گئس آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. تفصيل موجب راڻيپور ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف وائيس آف راڻيپور پاران سوئي سدرن گئس آفيس آڏو علامتي  بک هڙتال ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ان موقعي تي امداد لاڙڪ، ڊاڪٽر نذير کوکر، حسن ڄامڙو، نماڻو سرڪي، محسن ڀيلار ۽ اصغر وساڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هٿرادو گئس لوڊشيڊنگ جي خاتمي تائين احتجاج روزاني بنياد تي جاري رهندو. هنن جو چوڻ هو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي پر ڌرتي ڌڻين کي بنيادي سهولتون به نه پيون ملن. هنن سوئي سدرن گئس انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته گئس جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ختم ڪري گهريلو صارفن کي پريشانيءَ کان بچايو وڃي.