لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ممتاز ڪالوني ٽو جي رهواسين بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي جاويد عباسي، قاسم عمراڻي، قمر جاگيراڻي، حسين بخش کوکر، عبدالغفار جتوئي ۽ ٻين چيو ته ڪالوني ۾ پرائمري اسڪول، گرلز اسڪول، ڊسپينسري، روڊ رستا، نالا، بجلي، گئس سميت ٻيون سهولتون ناهن، سالن کان وٺي ترقياتي ڪم ناهن ٿيا، جنهن ڪري گهٽيون ۽ روڊ رستا تباهه لڳا پيا آهن، هنن چيو ته مسئلن جي حل لاءِ تڪ جي دڙي ٽائون ڪاميٽي جي يوسي چيئرمين محمد قاسم بروهي ۽ ڪائونسلر ربن شابراڻي کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، هنن مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.