راڻيپور: مبينا قتل ٿيل روشن راڄپر جي ويڳي پٽ سوڌو 3 ڄڻا کنڀجي ويا

0
276
راڻيپور: سماجي اڳواڻ روشن

راڻيپور(ن پ ا) راڻيپور ڀرسان ڳوٺ موسيٰ راڄپر مبينا قتل ٿيل روشن سهارا فاؤنڊيشن جي چيئرمين روشن محبوب راڄپر جي پٽ کي کنڀيو ويو آهي.

روشن محبوب جي قتل ڪيس جو  فريادي سندس ويڳو  پُٽ عاقل محبوب راڄپر، محمد موسيٰ راڄپر ۽ عقيل راڄپر کي پوليس گمبٽ ڪورٽ مان واپسي تي کين  کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.

مقتولڻ جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان کي حراسان ڪيو پيو وڃي، قتل به اسان جو ٿيو آھي گرفتار به اسان جا نوجوان ٿي رهيا آھين، شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

ھي به پڙھندا

راڻيپور ۾ سماجي اڳواڻ روشن راڄپر جو مبينا قتل پوليس لاءِ چئلينج بڻيل