جيڪب آباد: گھران پيار پرڻي لاءِ نڪتل جوڙو عدالت ۾ پيش، بيان رڪارڊ

0
377
جيڪب آباد: گھران پيار پرڻي لاءِ

جيڪب آباد(ن پ ا) ٽي مھينا اڳ گھران پيار پرڻي لاءِ نڪتل جوڙو عدالت ۾ پيش ٿي ڪري پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.نوجوان رحمت الله کوسو ۽ ناري امبرين پنهنجي وڪيل معرفت سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ٿيا.

ناري امبرين 164 تحت بيان رڪارڊ ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته رضا خوشيءَ سان نوجوان رحمت الله کوسو سان پرڻو ڪيو آهي.
وڪيل مظفر علي رند موجب عدالت نوجوان مٿان اغوا جو داخل ڪيل ڪيس ختم ڪرڻ ۽ جوڙي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته ٽي مھينا اڳ نوجوان رحمت الله کوسو ۽ ناري امبرين گھران نڪري پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تي ناري جي وارثن نوجوان تي صدر ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ھو.

ھي به پڙھندا

پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري پاران روهڙي پهچي تحفظ جي گهر