راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ۾ ھٿرادو مھانگائي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ممتاز سومرو نظير بروھي شمن لاکير ۽ ٻين دانھيو ته راڌڻ ۾ ھٿرادو مھانگائي ڪري واپاري ۽ دڪاندار عوام کي لٽي ۽ ڦري رھيا آھن،  ھنن چيو ته گيھ ۽ تيل تي ھڪ سو روپيا وڌيڪ ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ واپاري وٺن پيا ھنن چيو ته مارڪيٽ ڪاميٽي وارا به واپارين ساٻٽ بڻيل آھن ڊپٽي ڪمشنر دادو سميت اعلي اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته واپارين خلاف جوڳا قدم کڻي ھٿرادو مھانگائي کي ختم ڪرايو وڃي.