عثمان شاھ ھڙي ( ن پ ا ) عمر ساند ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ مراد بلوچ ۾ ٻن نامعلوم چورن فاروق بلوچ جي گھر جو دروازو ٽوڙي گھر اندر گھڙي الماڙي ٽوڙي ھڪ عدد راڊو گھڙي ۽ لکين رپين جو سون چوري ڪري فرار ٿي ويا. ڳوٺاڻن جي اطلاع تي ايس ايڇ  او عمر ساند نفري ساڻ ڪري ڳوٺاڻن جي مدد سان فوجي ڪتا گھرائي پيرا کنيا پيرا ھڪ ڳوٺ جي ڀرسان روڊ تي گم ٿي ويا. پوليس وڌيڪ جانچ ڪري رھي آھي.