راضيديرو (ن پ ا) راضيديرو ۽ ڀرپاسي ڪڻڪ ۾لابارو شروع، نئون اناج مارڪيٽ ۾ اچي ويو. 4 هزار رپيا في مڻ اگهه ملڻ سبب آبادگارن ۾ سرهائي، نئون فصل لهڻ باوجود اٽو مهانگو ملڻ سبب غريب طبقو سخت پريشان. رپورٽ موجب راضيديرو ۽ ڀرپاسي جي ڪچي توڙي پڪي واري علائقي ۾ ڪڻڪ جي تيار فصل ۾ لابارو شروع ٿي ويو آهي. هاري ۽ آبادگار ٿريشر لڳائي اناج محفوظ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ آبادگار محمد پريل سيال، بشير ناريجو، محمد پنجل کهڙو ۽ ٻين ٻڌايو ته برساتن بعد مهانگائي جي طوفان سبب ٻج، ڪلر، ڀاڻ تيل مهانگو خريد ڪرڻو پيو. ڪڻڪ جو مناسب اگهه ملڻ سبب خرچ پکو نڪرڻ جي اميد آهي. ٻئي پاسي پورهيت برڪت ملاح، فقير رمضان شيخ، احسان جکڙ ۽ ٻين  جو چوڻ هو ته نئين ڪڻڪ لهڻ باوجود اٽو 130 کان 150 رپيا في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي. ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب فاقاڪشيءَ تي مجبور آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته عام ماڻهن لاءِ رليف پئڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.