حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي جمهوري پارٽي جي اجلاس ۾ 3 اپريل کان سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ تنظيمي دورا ڪرڻ ۽ پهرين مئي تي يومِ مئي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  عوامي جمهوري پارٽي ۽ ان جي برادر محاذن جو هڪ سربراهي اجلاس سيد لال شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ مير خادم ٽالپر، رشيد سڌايو، نظير قريشي، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، ڊاڪٽر سراج سيال ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرين مئي 2023ع تي يومِ مئي جو ڏهاڙو ڪراچي ۾ ملهايو ويندو ۽ 3 اپريل کان سنڌ جي مختلف ضلعن جا تنظيمي دورا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو هٿرادو طوفان برپا ڪيو ويو آهي جنهن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جو عوام هٿرادو مهانگائي سبب خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي. سستي اٽي جا اسٽال هڻي عوام جي تذليل ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته هن وقت تائين ٻوڏ متاثرن جي ڪا به مدد نه ڪئي وئي آهي. عالمي ادارن کان مليل رقم ڪرپٽ حڪمران هڙپ ڪري ويا آهن. ماڻهن جا گهر تيار نه ٿي سگهيا آهن. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ جو عوام ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪري چُڪو آهي ۽ ان جي نتيجن کي سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به قبول نه ڪندا. اجلاس ۾ گهر ڪئي وئي ته غير آئيني ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري ملتوي ڪئي وڃي.