سکر (بيورو رپورٽ) پريالوءَ ۾ ڊاڪٽر نريش جي ڪلينڪ تي حملي ۾ نوجوان عبدالوحيد لاکو جي قتل ۽ واپاريءَ کي زخمي ڪرڻ وارو معاملو، الرا ڌر جي ماڻهن جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج، پوليس مٿان بناجواز ڇاپا هڻڻ ۽ ڪروڙين رپين جو سامان ڦر ڪرڻ جو الزام. پريالوءَ جي رھواسين  نسيم احمد، نذير احمد ۽ حضور بخش الرو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جوابدار الطاف الرو اسان جو پاڙيسري آھي، پوليس ڊاڪٽر جي ڪلينڪ  تي حملي واري ڪيس ۾ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان خلاف رِڻ ٻاري ڏنو آھي. نسيم احمد الرو، حضور بخش، نذير، فيروز، رڪن الدين ۽ حق نواز جي گھرن مان ڪروڙين رپين جي سامان جي جي ڦرلٽ ڪئي وئي. پوليس سونا زيور، روڪ رقم، سولر سسٽم، بيٽريون ۽ ٻيو گھريلو سامان ڦر ڪري کڻي وئي. پوليس اسان جي نياڻين کي به کنڀي کڻي وئي. هنن جو چوڻ هو ته پورهيت عبدالوحيد لاکي جي قتل ۽ ڊاڪٽر جي ڀاءُ کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جي اسان به مذمت ڪئي ۽ جوابدارن کان لاتعلقي جو اظھار ڪيو هو، ان جي باوجود پوليس خوامخواه پريشان ڪري رھي آھي، جنھن ڪري رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ به خاندان سميت دربدردي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون. ھنن جو چوڻ هو ته پوري علائقي جا ماڻھو اسان کي سڃاڻن ٿا، اسان معزز ماڻھو آھيون، پنھنجي گھرن ۾ عزت سان رھڻ ڏنو وڃي.