اسلام ڪوٽ/مٺي (نمائندن وٽان) ٿرڪول بلاڪ ٽو جي خانگي سيڪيورٽي گارڊن جي مبينا تشدد سبب فوت ٿيل دودي ڀيل واري واقعي تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پاڻ مرادو ورتل نوٽيس تي اڄ ٻڌڻي رٿيل آهي، وڪيل ڀڳوانداس ڀيل، وڪيل وسند ٿري پنهنجي سموري پينل سميت پيش ٿي ڪيس جي پيروي ڪندا ۽ ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر پيش ٿيندا، هوڏانهن وڪيل لجپت سوراڻي ۽ گومون ڀيل پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ايس ايس پي ٿرپارڪر اسان کي گرفتار ڪرڻ بعد اسان تي وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ اسان جي کيسي ۾ پيل سمورو سامان پوليس گم ڪري ڇڏيو آھي، هنن چيو ته پوليس اسان جو سامان فورن واپس ڪري. ٻي پاسي دودي ڀيل جي قتل بعد سندن وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن، کين عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، ان حوالي سان دودي جي ڀاءُ عالم ۽ ملوڪ ٻڌايو ته جوابدار اڃا قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچي نه سگهيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي ترت گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، اسان کي يقين آهي عدالتون ضرور اسان سان انصاف ڪنديون.