ڀٽ شاهه (رپورٽ: رجب بوزدار) ڀٽ شاه مان 2 واپاري هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويا. کيبر ڀرسان هٿياربند هڪ واپاري وجي ڪمار کي ڇڏي ٻئي واپاري واسومل کي اغوا ڪري کڻي ويا. ان ڏس ۾ واپاري واسومل روزاني جي بنياد تي حيدرآباد مان وين ذريعي اچي ڀٽ شاهه قومي شاهراهه تي لٿو، جتان وجي ڪمار ان کي موٽر سائيڪل تي ڀٽ شاه کڻي اچي رهيو هو ته هيلي پيڊ ڀرسان ڪار سوار هٿيابند موٽر سائيڪل روڪي ٻنهي ڄڻن کي اغوا ڪري ويا. واپاري واسو مل کي هٿياربندن ٻي گاڏي ۾ منتقل ڪيو ۽ وجي ڪمار تي تشدد ڪري کيبر ڀرسان کيس اڇلائي فرار ٿي ويا. واسو مل ڀٽ شاهه ۾ ڀاڻ، زرعي دوا ۽ ٻج جو واپار ڪندو آهي. سندس عمر تقريبن 50 سالآهي. اهڙي اطلاع بعد پوليس پهچي ناڪابندي ڪئي ۽ شهري توڙي واپاري وڏي تعداد ۾ ڀٽ شاهه ٿاڻي تي پهچي ويا. ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو به ڀٽ شاهه ٿاڻي تي پهچي واپارين کان تفصيل ورتا ۽ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري واپارين کي خاطري ڪرائي ميڊيا کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي واپس روانو ٿي ويو. شهرين، واپارين توڙي اقليتي برادري ۾ خوف و هراس پکڙجي ويو. ڀٽ شاهه مان واپاري ڏينهن ڏٺي جو اغوا ٿي ويو پر ڪيترائي ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود پوليس طرفان ڪا به اڳڀرائي سامهون اچي نه سگهي. واپاري ديوان گاگن داس جي سئوٽ واپاري واسو مل جي اغوا خلاف ڀٽ شاهه جا شهري ۽ واپاري روڊن تي نڪري آيا. شهرين ۽ واپارين پاران ديوان گاگن داس، سردار اياز ميمڻ، محمد موسيٰ سيال، عبدالرشيد ڏيٿو، خيرمحمد راهو، محمد خالد راجپوت، ايشور داس، پرڪاش، سيد هاشم شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري فوري طور تي اغوا ٿيل واپاري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو. سندن چوڻ هو ته ڪيترائي ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود پوليس طرفان ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، هنن چيو ته سرعام ڏينهن جو ٻن واپارين کي اغوا ڪيو ويو، پوليس موبائل روزاني جي بنياد تي گشت ڪندي آهي پوءِ به هي واقعو ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ واپاري ايشورداس کي گهران اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پوليس ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. شهرين ۽ واپارين چتاءُ ڏيندي چيو ته 24 ڪلاڪن اندر واپاري واسو مل کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو ويندو. ڀٽ شاهه مان واپاري جي اغوا تي درگاهه ڀٽ شاهه جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاورحسين شاه ۽ سيد نازڻ پير پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فوري طور تي بازيابي جي مطالبو ڪيو ويو آهي.