دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار وڌائڻ ضروري آهي: آرمي چيف

0
265

دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار وڌائڻ ضروري آهي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي گڏيل چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ افغان حڪومت جي مڪمل حمايت ۽ عزم ضروري آهي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ چين جو ڪردار اهم آهي

آرمي چيف جنرل عاصم منير سان چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جون ڌار ڌار گڏجاڻيون، امن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سان افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي ملاقات ڪئي، علائقائي سلامتي، بارڊر مينيجمينٽ ۽ ٻطرفي دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات دوران هاڻوڪي سيڪيورٽي ماحول ۾ بهتري لاءِ مڪينزم بهتر بڻائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

 آرمي چيف چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي گڏيل چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار وڌائڻ ضروري آهي، افغان پرڏيهي وزير افغان عوام لاءِ پاڪستان جي حمايت جي واکاڻ ڪئي

 چين جي پرڏيهي وزير ڪِن گينگ به آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي، آرمي چيف سي پيڪ منصوبن لاءِ چين جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو، آرمي چيف چيو ته سي پيڪ چين جي بيلٽ اينڊ روڊ اِنيشَيٽـِوِ جو اهم جزو آهي

 آرمي چيف علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي پاڪستان جي تبديل نه ٿيڻ جوڳي حمايت جي واکاڻ ڪئي، چيني پرڏيهي وزير سي پيڪ تي ٿيل اڳڀرائين تي اطمينان ظاهر ڪيو

هي به پڙهندا

چيني پرڏيهي وزير جي پاڪستاني هم منصب سان ملاقات: ڳالهين جو دور مڪمل