ٺٽو: ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب ٻارڙو فوت ٿيڻ خلاف احتجاج

0
205
ٺٽو: ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب ٻارڙو فوت ٿيڻ خلاف احتجاج
ٺٽو: ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب ٻارڙو فوت ٿيڻ خلاف احتجاج

ميرپورساڪرو/ٺٽو (نمائندن وٽان)  ميرپورساڪرو تعلقا اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت ۽ ايمبولينس نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويل معصوم نينگر جي مائٽن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان ٺٽي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ميرپور ساڪرو تعلقي اسپتال ۾ فوت ٿيل نينگر اصغر ملاح جي وارثن واقعي جو ذميوار اسپتال انتظاميا ۽ ايمبولنس سروس کي قرار ڏنو ويو آهي

 واقعي خلاف ٺٺي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن عدالتي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

فوتي نينگر اصغر ملاح جي وارثن چيو آهي ته نينگر اصغر ملاح کي نانگ ڪکي وڌو ته کيس تعلقي اسپتال پهچايو، ڊاڪٽرن ٽيسٽ رپورٽ صحيح هجڻ جو چئي علاج نه ڪيو

مظاهرين جو چوڻ هو ته گهر واپس پهچڻ بعد نينگر جي حالت خراب ٿي وئي، نينگر کي ڪراچي کڻائي وڃڻ لاءِ ايمبولنس ڊرائيور کي منٿون ڪيون هن مدد نه ڪئي