واشنگٽن (اسپورٽس نيوز) آمريڪي مشهور مئگزين فوربز سال 2021ع جي امير ترين رانديگرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. فوربز جي فهرست موجب ايم ايم اي فائٽر ڪونر ميگريڪر 180 ملين ڊالر ماليت جي اثاثن سان دنيا جو امير ترين رانديگر ۽ ايٿليٽ آهي. ميسي ٻئي نمبر تي 130 ملين ڊالر، ٽئين نمبر تي ڪريسٽيانو رونالڊ 120 ملين ڊالر، ڊيڪ پرسڪوٽ 107 ملين ڊالرز سان گڏ چوٿين نمبر تي آهي. باسڪٽ پليئر ليبرون جيمرز 96 ملين ڊالرز سان پنجين نمبر، نيمار 95 ملين ڊالر سان ڇهين نمبر، راجر فيڊرر 90 ملين ڊالر سان ستين نمبر، ليوس بميلٽن 82 ملين ڊالر سان اٺين نمبر، ٽام بريڊي 76 ملين ڊالرز سان نائين نمبر ۽ ڪيون ڊيورنٽ 75 ملين ڊالر سان ڏهين نمبر تي آهي.