لنڊن (اسپورٽس نيوز) فٽبال پريميئر ليگ ۾ ليورپول مانسچٽر يونائيٽڊ کي ٻه چار سان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. انگلش ڪلب جي هار تي دلبرداشته پرستار احتجاج ڪيو، جنهن دوران پوليس سان چڪريون به ٿيون. انگلش ڪلب جي آمريڪي مالڪ گليزر کي آئوٽ ڪرڻ جو مطالبو زور وٺي ويو آهي.اسٽارز سان ڀريل مانچسٽر يونائيٽڊ ۽ ليورپول ٽيمن ۾ زبردست مقابلو ٿيو،ڏهين منٽ تي فرينينڊيز گلو سان هوم ٽيم کي برتري ڏياري، جواب ۾ ليورپول ٻه ڪاميابيون حاصل ڪيون. پهرئين هاف جو خاتمو ٻه هڪ تي ٿيو، راند ۾ وڌيڪ تيزي سان سنسني پيدا ٿي وئي،فرمينو پنهنجو ٻيو گول اسڪور ڪيو، سپر اسٽار محمد صلاح آخري منٽ تي بال کي ڄار ۾ اڇلي ڪمال ڏيکاريو.