لنڊن(دلچسپ نيوز) دنيا جو سڀ کان ڊگهو سيهڙ چوري ٿي ويو، ڳولا تي انعام رکيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا ۾ 4 فوٽ ڊگهو سيهڙ اوچتو گم يا چوري ٿي ويو. مالڪياڻي سيهڙ ڳولي ڏيندڙ کي هڪ هزار پائونڊ انعام ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. ان سيهڙکي 2010 ۾ دنيا جوڊگهوسيهڙ قرارڏنو ويو هو جڏهن ته گنيزبڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ شامل سيهڙ جي ڳولا جاري آهي، واضح رهي ته 2017 ۾ ان سيهڙ جي شادي پڻ وڏي ڌام ڌوم سان ٿي هئي.