نيويارڪ(دلچسپ نيوز) جهنگ جو رڇ چوري ڪندي پڪڙجي پيو، وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ٽينيسي ۾ هڪ جهنگ جو رڇ ڪار جو دروازو کولي ڪينڊي کڻي ورتي ۽ جهنگ ڏانهن ڀڄڻ لڳو ته ويجهو ئي پڪنڪ ملهائڻ آيل ماڻهن ڪيميرا جي اک سان کيس ڏسي ورتو ۽ کيس پڪڙي ورتو. رڇ جي چوري واري اها وڊيو سوشل ميڊيا تي رکي وئي جيڪا وائرل ٿي وئي. صارفين ان تي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.