ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي جوڊيشنل مجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ دعا زهره ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، وڪيل  جبران ناصر، سرڪاري وڪيل ۽ ٻيا پيش ٿيا، جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، بعد ۾ وقفي کانپوءِ جاچ آفيسر به عدالت ۾ پيش ٿيو. وڪيل جبران ناصر دعا ڪيس جو فائل ڏيڻ جي گھر ڪندي چيو ته فائل حاصل ڪرڻ منهنجو حق آهي،  پوليس فائل کي ڇو لڪائي رهي آهي؟ سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٽرائل شروع ٿيڻ کان اڳ فائل  ڏئي نٿو سگھجي، ٽرائل کان اڳ فائل وٺڻو آهي ته الڳ سوٽ داخل ڪرايو وڃي. سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته چالان سي ڪلاس ٿي ويو آهي، ان ڪري درخواست کي به سي ڪلاس ڪيو وڃي. جنهن تي عدالت چيو ته جبران ناصر وارا  چالان سي ڪلاس ڪرڻ کي ئي چيلنج ڪري رهيا آهن. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عدالت حڪم ڪري ته ڪيس جو فائل جبران ناصر کي ڏئي ڇڏينداسين. جنهن تي عدالت اهڙو حڪم جاري ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسان جبران ناصر کي عدالتي فائل ڏئي ڇڏينداسين. وڪيل جبران ناصر سرڪاري وڪيل کي چيو ته اوهان لکي ڏيو ته اوهان وٽ فائل ناهي. جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته اوهان ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪريو، فائيل اسان وٽ آهي. ان دوران عدالت مداخلت ڪندي چيو ته ڪجهه مواد ڪانفيڊنشل هوندو آهي. جنهن تي جبران ناصر چيو ته اوهان پوليس ڊائري ڪڍي ڇڏيو، باقي فائيل ڏيو، جنهن بعد سرڪاري وڪيل فائل ڏيڻ جي حامي ڀري. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 23 جون تائين متوي ڪري ڇڏي