ڇاڇرو (رپورٽ: جبار نهڙيو) ڇاڇرو جي نجي اسپتال ۾ چار ڏينهن اڳ ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت سبب ڳورهاري عورت ملوڪان زال ڌرمون ڀيل جي ڊليوري ڪرائڻ دوران ٻار جي سسي  ڌڙ کان ڌار ڪرڻ وارو مامري جو نوٽيس وٺڻ بعد ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر محمد جمن باهوٽو ڇاڇرو پهتو، جتي هن نجي اسپتال جي انتظاميا ۽ سرڪاري اسوتال جي ايم ايس سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صوبائي وزير صحت عذره پيچوهو ۽ سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاھ جي نوٽيس وٺڻ بعد سينيئر ڊاڪٽرن جي ٽيم جاچ ڪري رهي آهي، هن چيو ته عورت جو آخري آپريشن حيدرآباد اسپتال ۾ ٿيو آهي، جتان به جاچ ڪئي ويندي، هن چيو ته سموري معاملي جون حقيقتون جلد منظر عام تي آنديون ويون ۽ غفلت جو مظاهرو ڪندڙ اسپتال انتظاميا خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته جنهن دائي پهرين هن ڪيس کي ڏٺو آهي، ان سان ٽيم ملي آهي، جلد پوري معاملي جي انڪوائري مڪمل ڪئي ويندي، ڊي جي هيلٿ چيو ته اسان کي خبر پئي آهي ته ڇاڇرو جي وڏي سرڪاري اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرز رڳو ٻه آهن، ڊي ايچ او ٿرپارڪر سان ملي اسپتال ۾ عملو، ليڊي ڊاڪٽرياڻيون ۽ ڊاڪٽرز مقرر ڪيا ويندا، هوڏانهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مٺي معاملي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو آهي ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ ڇاڇرو ۽ ڊي ايچ او کان 3 ڏينهن ۾رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ صحت جي پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو چيو ته اسپتال جو لائسنس رد ڪيو ويندو،