ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ليبر کاتي جي ماتحت  اداري سيسي جي ڊاڪٽر کي پگھارن سميت 2 سالن جي ڊگهي موڪل ڏيڻ واري ”پنهنجي اخبار“ ۾ خبر ڇپجڻ بعد سيسي ڪمشنر احمد علي قريشي موڪلن وارو نوٽيفڪيشن پراڻين تاريخ ۾ ڪينسل ڪري ڇڏيو. رپورٽن موجب  سيسي جي ڪمشنر احمد علي قريشي جي منظوري سان سيسي سکر سرڪل جي ڊپٽي چيف ميڊيڪل آفيسر صلاح الدين ڦلپوٽو کي  پگھارن سميت 2 سالن جي موڪل ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، ”پنهنجي اخبار“ ۾ قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي موڪل ڏيڻ واري خبر ڇپجڻ بعد سيسي ڪمشنر احمد علي قريشي نوٽيفڪيشن تان هٿ کڻي ويو. ڪمشنر پگھارن سميت 2 سالن جي موڪل وارو نوٽيفڪيشن پراڻي تاريخ ۾ ڪينسل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب جنهن ڊاڪٽر کي پگھارن سميت 2 سالن جي موڪل ڏيڻ تي روانو ڪيو پي ويو، انهي ڊاڪٽر جي پگھار 2 لک کان وڌيڪ آهي، 2 سالن جي موڪل سان قومي خزاني کي لڳ ڀڳ 50 لکن جو نقصان پهچي ها.