ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ عورت سان ڇيڙڇاڙ جي الزام هيٺ  گرفتار پي ٽي آءِ ايم پي اي شبير قريشي  جي عبوري ضمانت منظور، ڪالهه پوليس ايم پي اي شبير قريشي کي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، شبير قريشي جي وڪيل ضمانت جي استدعا ڪئي. عدالت سندس استدعا منظور ڪندي 10 هزار جي مچلڪن جي عيوض شبير قريشي کي ضمانت ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته شبير قريشي مٿان ثمينه نالي عورت  نوڪري بهاني ڇيڙڇاڙ ڪرڻ ۽ ڪپڙا ڦاڙڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن بعد پوليس کيس ڪلفٽن واري گھر مان گرفتار ڪيو هو