گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي ميمڻ محلي ۾ تعميراتي ڪم دوران گهر جي ديوار ڪِرڻ سبب ڳوٺ ڌڻي بخش ڄامڙو واسي پورهيت نوجوان بهاول الدين ڄامڙو دٻجي ويو. پورهيت جي وارثن  ۽ گڏ ڪم ڪندڙ مزدورن ٻڌايو ته گمبٽ جي ميمڻ پاڙي ۾ معمول موجب گهر جو تعميراتي ڪم هلي رهيو ته ديوار ڌماڪي سان ڪِري پئي، نتيجي ۾ ڳوٺ ڌڻي بخش ڄامڙو واسي نوجوان پورهيت بهاول الدين ڄامڙو سخت زخمي ٿي پيو. واقعي بعد وارث ۽ گڏ ڪم ڪندڙ مزدور زخمي پورهيت کي کڻي اسپتال پهتا ته ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.