غوثپور (ن پ ا) دراني مهر پوليس گوجرانوالا جي رهواسي کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جديد ٽيڪنالاجي مدد سان گوجرانوالا جي رهواسي تنوير ولد الياس پنجابي کي ڪچي ۾ وڃڻ کان روڪي ورتو. پوليس موجب ڏوهارين نوجوان کي تترن ڏيڻ بهاني گهرايو هو. پوليس موجب ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪامياب ڪارروائي ڪري نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان روڪيو.