گهوٽڪي (رپورٽر) سياسي سماجي تنظيمن عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان 8 مارچ تي عورت آزادي مارچ جي حوالي سان گهوٽڪيءَ ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آزادي مارچ ۾ گهوٽڪي جون هزارين عورتون شرڪت ڪنديون. ان سلسلي ۾ سگا گهوٽڪي آفيس ۾ هڪ مشاورتي اجلاس ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو جي صدارت ۾ ٿي گذريو،جنهن ۾ عورتن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف ڪاميٽيون پڻ ٺاهيون ويون. اجلاس ۾ اياز لطيف دايو کي پريس ترجمان مقرر ڪيو ويو. انهيءَ موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عورتن جي حقن جون دعويدار تنظيمون ملڪ جي وڏن شهرن ۽ وڏن هوٽلن کي ترجيح ڏينديون آهن، اهي سنڌ جي انهن پوئتي پيل علائقن ۾ اچڻ کان ڪيٻائي رهيون هيون، جتي عورت حقيقي طور مستقل اذيت جو شڪار آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڪامريڊ بادل ملڪ، رئوف پارس، ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي، نصرالله ڪلادي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته وڏيرن ۽ جاگيردارن گهوٽڪي ضلعي کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. عورت جي حقيقي آزاديءَ جي شروعات پنهنجي گهرن کان ڪرڻي پوندي. ان موقعي تي گهوٽڪي، خانپور مهر، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، اٻاوڙو، پنوعاقل ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ۽ ٻين ضلعن لاءِ ڪاميٽيون جوڙيون ويون.