ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ سماجي تنظيمن پاران چوٿين عورت مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي. پريس ڪلب  ڪوٽڙي ۾ ٿيل مچ ڪچهري ۾ سگهڙن، شاعرن، فنڪارن، سميت مزاحيا فنڪارن شرڪت ڪئي. ان سان گڏ عورتن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي، عورت مچ ڪچهري ۾ مهمان خاص طور تي وڏي وزير جي صلاحڪار سيد بچل شاھ ۽ ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي شرڪت ڪئي جڏهن ته مچ ڪچهري ۾ سهڻي پارس، فردوس سانگي سميت مختلف سياسي سماجي  عورت اڳواڻن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪوٺايل مچ ڪچهري ۾ سنڌ جي نالي وارن سگهڙن علي اڪبر اداسي۔ خام حسين حليم چانڊيو۔ فنڪار علي گل ملاح، شوڪت فقير۔ حامدصوفي سميت ٻين نالي وارن فنڪارن  پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ خوب داد وصول ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير جي صلاحڪار سيد بچل شاھ آرگنائيزر سهڻي پارس ، فرودس سانگي، شهزاد بوزدار،مشاهنواز دل سميت ٻين ڳالهائيندي چيو ته  عورت مچ ڪچهري ڪرائڻ جو مقصد پنهنجي ثقافت ريتن رسمن کي اجاگر ڪرڻ آھي. ايم، پي اي تنزيلا قمبراڻي چيو ته عورت مچ ڪچهري جو مقصد اهو آھي ته هي سنڌ جو روح آھي عورت مچ ڪچهري سر راڻي مومل سان ٺهڪي اچي ٿو ڇو ته اسان جو سنڌي سماج ۾ عورت کي عزت جي نگاھ سان ڏسي ٿو اسان جي عورت معمولي ڳالهين تان قتل لاء ناهي جڙي اسان جي عورت مومل سومل وارو ڪردار آھي جيڪا ڀيڻ پنهنجي ور جي غير موجودگي ۾ ڀيڻ کي پٽڪو پارائي گڏ سمهاري ٿي انهي جو مقصد ته اسان جون عورتون ڪردار آھن. اسين هن سماج سان گڏ هلڻ ٿيون چاهيون.