ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ) دالين جو بحران ختم: بندرگاهه تان 2000 ڪنٽينر رليز ٿيڻ بعد اگهه ۾ لاٿ شروع،  ان ڏس ۾ وفاقي سرڪار جي  نئين امپورٽ پاليسي هيٺ بندرگاهه  تي ڦاٿل دالين جا 7000 مان 2000 ڪنٽينر رليز ڪيا ويا آهن، واضح  رهي ته 3 بحري جهازن ۾ پهتل 50 هزار ٽن مان 20 سيڪڙو داليون رليز ڪيون ويون آهن، ان ڏس ۾ هول سيل گروسرز ايوسيئشن جي چيئرمين عبدالرئوف ابراهيم جو چوڻ هو ته اسان بندرگاهه تي ڦاٿل هر ڪنٽينر تي 100 ڊالر ڊٽينشن چارجز ڀري رهيا آهيون، 7 ڪروڙ ڊالرن جي ماليت وارين دالين تي 3 ڪرُوڙ ڊالر ڊٽينشن چارجز اداڪيون آهن، هن چيو ته اميد آهي ته وفاقي سرڪار بندرگاهه تي ڦاٿل دالين جا وڌيڪ ڪنٽينر  رليز ڪندي، هن چيو ته داليون رليز ٿيڻ بعد ماهه رمضان ۾ دالين جي بحران جو خطرو ٽري ويو آهي، جڏهن ته دالين جي اگهه ۾ في ڪلو تي 100 کان 150 رپيا گھٽتائي ايندي.