سکر ۾ ٻڍڙي عورت تي تشدد ڪندڙ پوليس عملدار گرفتار نه ٿي سگهيو

0
873
سکر ۾ ٻڍڙي عورت تي

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ون فائيو پوليس انچارج طرفان سري عام پيرسن عورت تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو، سکر ۾ ٻڍڙي عورت تي سري عام تشدد ڪندڙ پوليس عملدار علي محمد مهر اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيو

ٻڍڙي عورت تي سري عام تشدد ڪندڙ پوليس عملدار علي محمد مهر تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو،  اي ايس آءِ معشوق علي مياڻي جي فرياد تي سي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويوMay be an image of 1 person, sitting and indoor

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته  ٻڍڙي عورت مسمات مبارڪان مستوئي طرفان ڪيس داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪيو،  سب انسپيڪٽر علي محمد مهر پوليس جي مورال کي نقصان پهچايو آهي

ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 15 انچارج علي محمد مهر عورت مٿان بنا جواز جي تشدد  ڪري ڌمڪيون ڏئي ڏوهه ڪيو آهي

ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ تشدد جو نشانو بڻيل عورت گهرائي اجرڪ اوڍائي واقعي تي معذرت ڪئي، تشدد ۾ ملوث پوليس آفيسر علي محمد مهر خلاف قانوني ڪارروائي به ڪئي ويندي

هي به پڙهندا

اسان کي جدا نه ڪيو: اڪري چودڳي ۾ زال مڙس جون مائٽن کي منٿون