دادو (رپورٽر) دادو ۾ گيسٽرو سبب فوت ڳوٺاڻي جو لاش نيئڻ لاءِ ايمبولينس نه ملي. ان ڏس ۾ دادو ۾ ڪاڇي جي ڳوٺ حاجي خان مان 45 سالن جو موندر خان کوسو گيسٽرو سبب دادو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. کيس اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ويو جتي هو فوت ٿي ويو آهي ، اسپتال انتظاميا پاران فوتي ڳوٺاڻي جو مڙھ ڇنڊڻ نيڻ لاء ايمبولنس نه ڏيڻ خلاف وارثن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو ، بعد ۾ ڳوٺاڻا فوتي جو مڙھ لوڊر رڪشا ۾ کڻائي روانا ٿي ويا آهن ، فوتي جي عزيز محمد حسن کوسو ٻڌايو ته گيسٽرو ۾ مبتلا موندر خان کي حاجي خان کان جوهي پهچايو ، جوهي کان ڇنڊڻ تائين ٻيڙي واري 3 هزار ورتا ، وري لوڊر رڪشا واري 1500 ورتا آهن ، ڇنڊڻ کان جوهي مڙھ نيڻ لاء ٻيڙي وارو الڳ 3 هزار وٺندو.