ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ويجهو شجاع آباد جي ڳوٺ چنا فارم، سکيو خاصخيلي بس اسٽاپ تي نجي اسڪول جي سهڪار سان ٽينٽ سٽي ۾ قائم اسڪول ۾ جتي برسات متاثر مسڪين ماروئڙن جي ٻارڙن کي مفت تعليم ڏني پئي وڃي اتي وڏي عمر جي عورتن کي به علم جي سکيا ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جتي سنڌيا خاصخيلي کين پڙهائي رهي آهي، اسڪول ۾ وڏي عمر جون عورتون پٽي پڙهڻ ۾ رڌل نظر اچن ٿيون، سنڌيا خاصخيلي جي اهڙي ڪوشش سان متاثر ماروئڙن ۾ ٻيهر اجڙيل اجھا بحال ٿيڻ سان گڏ علم پرائڻ جي اميد پڻ پيدا ٿي پئي آهي، اسڪول ۾ پڙھائيندڙ سنڌيا خاصخيلي جو چوڻ ھو ته متاثر ٻارڙن کي پڙھائڻ لاءِ هتي پھتاسين ته ھڪ ناني پنھنجي ڏوھٽن کي اسڪول ۾ داخلا ڪرائڻ لاءِ پھتي، جنهن پاڻ به پڙھڻ جو شوق ڏيکاريو، سنڌيا موجب هن مون کي چيو ته آئون به پڙھنديس، جنهن بعد مان کيس پڙھائڻ لاءِ راضي ٿي ويس.