دادو ( رپورٽر ) دادو مورو روڊ تي چهواڻ اسٽاپ وٽ مورو کان دادو طرف ايندڙ تيز رفتار پوٽو هار جيپ جو بيٺل ماڻهن کي ٽڪر هڻڻ سبب 3 ڄڻا شاهجهان کوسو ۽ گانگو ڀيل ۽ سرسو ڀيل زخمي ٿي پيا جن کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ، ٻن زخمين شاهجهان ۽ گانگو ڀيل کي نوابشاھ ريفر ڪيو ويو پر هڪ ڪلاڪ تائين ايمبولنس نه ملڻ خلاف وارثن سخت احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته زخمين جي حالت خراب پر زخمين کي نوابشاھ نيڻ لاء ايمبولنس نه ٿي ڏني وڃي جنهن سبب زخمي تڙپندا رهيا.