دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ڀرسان تيتري اسٽاپ وٽ ٿريشر مان ان ڪڍندي 13 سالن جو نينگر عجيب پٽ محمد عيسيٰ خاصخيلي ٿريشر جي پٽي ۾ ڦاسي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي واقعي واري ھنڌ تي موجود ماڻھن ٿريشر جي پٽي مان ڇڏائي کيس فوري طور تي علاج لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري علاج لاءِ منتقل ڪيو، اسپتال م موجود ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران نينگر کي فرسٽ ايڊ ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.