جروار(ن پ ا) جروار لڳ ڳڙھي چاڪر ۾ گجو مينگهواڙ جي گهر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳڻ سبب گهر ۾ پيل اناج هنڌ بسترا ۽ ٻيو سامان سڙي ويو. علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آڻي ورتو. ٻئي پاسي متاثرن پاران ڊي سي گهوٽڪي کان مدد جي اپيل ڪئي وئي آھي.