دادو ۽ ڀرپاسي گيسٽرو ۽ ڊائريا تي ضابطو نه آيو، 80 کان وڌيڪ مريض اسپتال داخل

0
292
دادو ۽ ڀرپاسي گيسٽرو

دادو ( رپورٽر ) دادو ۽ ڀر پاسي جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گيسٽرو ۽ ڊائريا وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي ، 70 کان وڌيڪ ٻارڙا ۽ 80 کان وڌيڪ مرد ۽ عورتن کي دادو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي

جن ۾ محمد سليم هنڱورو ، انيلا زئونر ، پٺاڻي زئونر ، سميرا پنهور ، مسمات سهڻي ، وزيران ملاح ، صفيه لنڊ ، اظهر کوکر ، بابره کوکر ، وزير ملڪ ، رحيم بخش بروهي ، عبدالمنان منگي ۽ ٻيا شامل آهن

ٻارن جي وارڊ ۾ الهڏتو قمبراڻي عيدن علي خشڪ ، ذاڪر ملاح سندس ڀيڻ اقراء ، صبا ، تبسم شيخ ، عابد ملاح ، تعبير علي ، دلڪش ملاح ۽ ٻيا ٻارڙا شامل آهن ، گيسٽرو ۽ ڊائريا ۾ مريضن جي رش سبب سول اسپتال جي ايمرجنسي توڙي ميڊيڪل وارڊن ۾ بيڊ کٽي ويا ۽ هڪ هڪ بيڊ تي 3/3 عورتن کي داخل ڪيو ويو ، مرد مريضن کي بينچن تي رکيو ويو

بيڊن جي گنجائش نه هئڻ ڪري وڏي انگ ۾ مريضن کي واپس ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي مريضن کي ته ڊرپون به نه لڳايون ويون ، اهڙي ٻارن جي وارڊ ۾ پڻ هڪ هڪ بيڊ تي 2 کان 4 ٻار داخل ڪيا ويا آهن

سول اسپتال انتظاميا پاران ڊاڪٽر ۽ ڊسپينسرن سختي روڪيو ويو ته هو گيسٽرو ۽ ڊائريا جي مريضن کي ڊرپون نه لڳائڻ جون هدايتون ڪيون پر مريضن جي حالت خراب هئڻ ڪري ڊاڪٽرس پاران داخل ٿيل مريضن کي ڊرپون لڳايون ويون

ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر احسان پنهور ٻڌايو ته برسات کانپوء گندگي ڦهلجڻ سبب گيسٽرو ۽ ڊائريا ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي ، ڪالهوڪي ڏينهن ۾ ٻارن کان علاوه 80 کان وڌيڪ مردن ۽ عورتن کي داخل ڪيو آهي