لينن جو سياسي سفر

0
273
 سنڌي ترجمن جي ڪَلا ! 

  روس ۾ مزاحمت جي تاريخ پراڻي رهي آهي. 1670ع ۾ اسٽينڪا ريزن  ڪازڪ قبيلي جي هارين کي هٿياربند ڪري زارشاهي خلاف وڙهيو هو ۽ لينن جي پيدائشي شهر سمبرڪ ۾ ئي پڪڙيو ويو هو ۽ ڳاڙهي چونڪ تي عبرتناڪ طريقي سان ماريو ويو هو. 1825ع ۾  روس جي  فوجيءَ   پيسٽيل پاويل  زار نڪولس خلاف سازش ٺاهي پر سازش اڳ ۾ ئي ظاهر ٿي پئي ۽  فوجي انقلابين کي ڦاهين ۽ سائبيريا ۾ جلاوطني پلئه پئي. روس جي اها  مزاحمتي تاريخ  نئين نسلن ڪڏهن به نه وساري.ڪريميا لڙائي ۾ روس جي بدترين شڪست سبب  زار جڙتو زرعي سڌارا آندا جنهن جي ڪري ڳوٺن ۾ نرودنڪ تحريڪ هلي، نرودنڪن ڪنهن حد تائين مارڪس مان متاثر هئا پر  ساڻس اعتراض به هئن ته روس ۾ شهري انقلاب نه ايندو. ڳوٺن ۾ سوشلزم قائم ڪرڻ گهرجي ڇو جو روس ۾ شهري ڪلاس نه هئڻ برابر هو. باڪُونن جا  فرسٽ انٽرنيشنل ۾ مارڪس سان جهيڙا به ٿيا ، باڪونن پروڌن جي انارڪزم مان متاثر هو، پر ڪارل مارڪس مرڪزيت پسند عالمي فيڊريشن جو حامي هو جتي رياست  تڪڙ ۾  ڊاهي نه ويندي، مطلب ته روس ۾  انارڪزم ۽ نرودنڪ تحريڪون هلندڙ هيون.  اڳتي هلي  پلي خانوف ۽ لينن   خاص ڪري جرمن سوشل ڊيموڪريسي کان متاثر ٿي روس ۾  سوشل ڊيموڪريسي لاءِ جدوجهد ڪئي. ڳوٺن جي آبادي نرودنڪن کي اوپرو سمجهي پوليس تائين مخبري ڪندي هئي. 1878ع ۾ 193  نرودنڪن تي ٻڌڻي  هلي ۽ گهڻا آزاد به ٿيا جن مان ڪجهه انقلابين  عمل وسيلي پروپئگينڊا جي پاليسي اختيار ڪري ورتي.  مثال زيليابوف، مخائلوف ۽ صوفيه  نرودنيه ووليه  گروپ قائم ڪيو  ۽  1881ع ۾   زار  اليگزيندر ٻئين جو قتل ڪري ورتائون، پر ستت ئي کين  گرفتار ڪري  ڦاهي ڏني وئي،  ٻيا انقلابي روپوش ٿيا  يا جلاوطن ٿي ويا.

اليانوف فيملي  تي به  سياست جا اثر پيا. لينن 1881ع ۾ وڏي ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان سمبرڪ جي اليٽ اسڪول ۾ پڙهندو هو. سندس استادن کي اميد هئي ته اُليانوف  لاطيني ٻولي جو جينئس اسڪالر ٿيندو ڇو جو   اووڊ  ۽ ورجل  جو مطالعو هئس ته  روم جي سينٽرن جون تقريرون   پڙهي ڳالهائڻ جو فن به سکي چڪو هو. پر حالتن کيس  انقلاب جي رستي ڏانهن موڙي ڇڏيو. سندس وڏو ڀاءُ ساشا يونيورسٽي جي آخري سال ۾ ريڊيڪل ٿيو هو، نرودنيه ووليه گروپ وانگر  زار کي قتل  ڪرڻ  جي سازش رٿي وئي  جنهن ۾ ساشا پڪڙجي پيو ۽ مئي 1887ع ۾ ڦاهيءَ چاڙهيو ويو. لينن ڪازان يونيورسٽي ۾ قانون پڙهڻ ويو پر تعليم مڪمل نه ڪري سگهيو. اسان کي لڳندو آهي ته لينن ننڍي هوندي ئي ڪو مارڪس پڙهيو هوندو. ڪارل مارڪس جي خبر کيس ڪازان ۾  نرودنيه ووليه جي اسٽڊي سرڪل ۾ پئي هئي، سندس پسنديده اديب  چرنشوسڪي هو جنهن “واٽ اِز ٽُو بي ڊَن” ناول لکيو ۽ لينن اڳتي هلي پنهنجي سياسي مضمون تي به ساڳيو نالو رکيو.1893ع ۾ لينن  سينٽ پيٽرسبرگ هليو ويو ۽  پليخانوف جي گروپ ۾ شامل ٿي،  اتي هن جي مارٽوف سان به  واقفيت ٿي جنهن  on Agitation  پمفليٽ لکيو هو جنهن ۾ نظرين  کي عمل سان ڳنڍڻ جو خيال ڏنائين  . مارٽوف  سمجهندو هو ته ورڪر سخت پورهئي سبب ڪتاب پڙهي ناهن سگهندا ۽  هنن  وٽ درست نظريا  نه هوندا آهن.

  ورڪر روس جي بورجوازي  لبرل  ڪلاس کي مضبوط ڪن ۽ پنهنجا فائدا وٺن، اها سياست ئي ممڪن آهي. 1895ع ۾   لينن ۽ مارٽوف يورپ  ويا   جتي پليخانوف سان ملاقات  ٿي هئن پر پليخانوف  ٻنهي جي حوصله شڪني ڪئي.  ياد رهي ته اهو پليخانوف ئي هو جنهن زسلوچ، ايڪسلراڊ سان ملي 1883ع ۾   روس ۾ سوشلزم  جو پرچار ڪيو هو.  بهرحال  لينن يورپ مان واپس آيو ۽ مارٽوف سان گڏجي هن يونين فار اسٽرگل  اينڊ  لبرٽي  آف ورڪنگ ڪلاس قائم ڪئي ۽  پمفليٽن وسيلي غلط  اڻپورن دليلن کي ڊاهڻ شروع ڪيو هيائين.  1897ع  ۾ ٻئي   رشين سوشل ڊيموڪريٽڪ ۽ ليبر پارٽي جو اهتمام ڪري رهيا هئا ته پوليس کين گرفتار ڪري  ٽن سالن تائين سائبيريا موڪلي ڇڏيو. اهڙي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ لينن جا سياسي نظريا جُڙيا هئا.  انقلابي رازداري ۾ ئي ڪم ڪري سگهندا. کين الڳ اخبار هئڻ گهرجي ۽  هنن يورپ مان اسڪارا اخبار شايع ڪئي.  1902ع واري  سياسي مضمون “واٽ از ٽُو بي ڊَن”  ۾  هن  پراڻي سياسي تحريڪن جي ناڪامي جو تجزيو ڪيو  ۽  نئين پارٽي جو نظريو ڏنو. ٽريڊ يونينزم  ۽ موقعي پرست سياست  بدران دانشورن جي پارٽي وسيلي سياسي شعور وڌائڻ جي اهميت  بيان ڪيائين. ماديتي فلسفو، معيشت ۽ تاريخ جا ڄاڻو دانشور  ٽريڊ يونينزم جي اڻپوري سياسي شعور  جو توڙ ٿي سگهن ٿا.  باقي ورڪرن جي پاڻمرادي  جدوجهد  سرمائيداري جو خاتمو نه آڻي سگهندي. سڌارن وسيلي مسئلا حل ڪرائڻ تائين محدود رهندي.  اهو به الميو آهي ته اڄ دنيا ۾ سڌارپسندي جو زور آهي ۽ ڪو به ليننزم ۾ يقين نه ٿو رکي! 1903ع ۾  برسلز ۾   پيشه ور دانشورن جي آمريت پسند پارٽي  تي مينشوڪن اعتراض اٿاريو، پر يهودي ورڪرن جي  واڪ آئوٽ بعد ووٽنگ ٿي هئي جنهن ۾ لينن جو نظريو اڪثريت قبوليو ۽ کين بالشوڪ ڪوٺيو ويو، ان ميٽنگ ۾ پليخانوف ۽ مارٽوف مينشوڪن جي پاسي بيٺا.1905ع ۾ ايشيا جي نئين سامراجي پاور جپان هٿان روس سامراج هارائي ويو،

شهرن ۾ دنگا فساد چالو ٿيا ته زار پاڻ ئي پارليامينٽ قائم ڪئي،  زار بادشاهت هيٺ بورجوازي انقلاب آيو  هو ۽ لينن اسٽولپن  جي سڌارپسندي واري سوشلزم  تي به تنقيد ڪئي  هئي. روس ۾ ناسازگار ماحول هئڻ ڪري  لينن 1903ع کان 1917ع اپريل تائين يورپ ۾ جلاوطن ٿي رهيو.  يورپ جو سياسي ڪلچر کيس پسند هو. جرمني جي  سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي سندس لاءِ  جديد ماڊل پارٽي هوندي هئي  پر جرمن سوشلسٽن پهرئين جنگ عظيم ۾  بورجوازي طبقي سان بيٺي ته  لينن  ٻئين انٽرنيشنل کي سڙيل ڳريل لاش چئي ان کان ڌار ٿيو ۽  اپريل ٿيسز ۾ ٽئين انٽرنيشنل قائم ڪرڻ جو سڏ ڏنائين ته جيئن موقعي پرست بورجوازي سياست انقلابن  جي رستي ۾ رڪاوٽ نه ٿئي.  فيبروري انقلاب  واري بورجوازي جمهوري رياست خلاف هٿياربند جدوجهد  ڪئي وئي هئي تڏهن وڃي آڪٽوبر ۾ سوويٽ يونين واري عوامي رياست ٺهي هئي جيڪا چين ويٽنام ڪيوبا ۽ ٻين ملڪن ۾ آزادي جي تحريڪن ۽ قومي بورجوازي خلاف عوامي انقلاب لاءِ اتساهه بڻيل رهي . انقلاب جيڪو  ورڪرن جي ايڪي سان عالمي دنيا ۾ اچڻ کپندو هو، ان جون حدون روس تائين محدود ٿي ويون، وقتي طور لينن حڪومت اهڙا فيصلا به ورتا جن سان  انقلاب ۾ هيراڦيري جو بنياد پيو.  لينن گهڻو وقت زنده هجي ها ته شايد غلطيون سڌاري ها! پر لينن  جي تڪڙي موت سبب اها نئين ڄاول رياست اسٽالن جي هٿن ۾  بيمار ٿيندي رهي ۽ نيٺ   ڪميونسٽ پارٽي جي ليڊر گورباچوف هٿان دفن پڻ ٿي.