دادو واسين سان خضدار ويجهو حادثو، بس ڪلٽي ٿيڻ سبب 20ڄڻا فوت

0
335

دادو (رپورٽر) خضدار ڀرسان ونگو چاڙهي وٽ دادو جي زائرين جي بس ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، 20 ڄڻا فوت ۽ 15کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، دادو جا زائرين 3 ڏينهن اڳ بلوچستان جي درگاھ ڪاڪا هير جي سالياني عرس مبارڪ تي ويا هئا، زائرين واپس دادو اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، حادثي ۾ دادو شهر جي سومرا ڪالوني ، مرکپور ، جوهي جي ڇنڊڻ موري ، ڇنڊڻ ڀرسان گاڏهي ڳوٺ جا رهواسي شامل آهن، خضدار حادثو ۾ جوھي واسي پنج ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي، ڳوٺ خان محمد گاڏھي واسي پنج ڄڻن حافظ اسد گاڏھي، ھاشم گاڏھي، پريل گاڏھي، آصف علي گاڏھي ۽ نظام گاڏھي فوت ٿي ويا.