سرحد مان اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن کان 50لک رپيا ڀنگ طلب

0
221

سرحد (رپورٽر) ڏيڍ هفتو اڳ اغوا ٿيل مغوي وحيد بوهڙ جي وارثن کان ڌاڙيلن فون ڪري 50 لک رپيا ڀُنگ طلب ڪري ورتو، مغوي وحيد بوهڙ جي وارثن سعيد احمد بوهڙ پاران ڌاڙيلن جي ڀُنگ گهرڻ جي تصديق ڪئي وئي، مغوي جو ڀاءُ سعيد بوهڙ ٻڌايو ته ڌاڙيلن وحيد بوهڙ جي بازيابي لاءِ 50 لک ڀُنگ گهريو آھي، اسان وٽ ته ايترا پئسا نه آهن، غريب آهيون، ٻئي پاسي ڏيڍ هفتو گذرڻ جي باوجود به پوليس وحيد بوهڙ کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي.