خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار اينٽي انڪروچمينٽ عملو ۽ پوليس ساڻ ڪري ڇٽي چوڪ ۽ مال روڊ وٽ قائم 25 کان وڌيڪ دڪان سيل ڪري ڇڏيا. ڪارروائي دوران انجمن تاجران خيرپور جو صدر لالا عبدالغفار شيخ ۽ ٻيا واپاري اڳواڻ وڏي انگ ۾ پهچي ويا جِتي عملدارن ۽ واپارين وچ ۾ منهن ماري پڻ ٿي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر واپارين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي دڪانن کي سيل ڪيو ويو آهي سيل ڪيل دڪان سرڪاري زمين تي ٺهيل آهن تنهنڪري دڪاندار ٻن ڏينهن جي اندر پنهنجا دڪان خالي ڪن ٻي صورت ۾ دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويندو ۽ ٿيل نقصان جا ذميوار دڪاندار پاڻ هوندا. ان موقعي تي متاثر دڪاندارن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ضلعي انتظاميا پاران بنا ڪنهن نوٽيس جي اوچتو دڪان سيل ڪري ڇڏيا آهن ته دڪان غير قانوني طور تي سرڪاري زمين تي ٺهيل آهن جيڪا وڏي زيادتي آهي. هنن چيو ته پراڻي بس اسٽينڊ ۽ الجمهور شاپنگ سينٽر ۾ ٺهيل ڪيترن ئي دڪانن کي ڊاهي سوين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو ۽ هاڻي وري اسان جا دڪان ڊاهي سوين خاندانن کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته اسان ضلعي انتظاميا جي اهڙين ڪارروائين خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائينداسين. آخري اطلاعن تائين ضلعي انتظاميا جي عملدارن ۽ واپارين وچ ۾ هلندڙ ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون ۽ ڇڪتاڻ جاري رهي جڏهن ته عملدارن پاران پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي.