ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ بدين، ٽنڊي الهيار، قمبر ، سجاول سميت اڪثر ضلعن جي ڊي سيز جي اهليت کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنرز جي اهليت بابت سنڌ جي چيف سيڪريٽري کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، عدالت اڪثر ڊپٽي ڪمشنرن جي اهليت تي سوال اٿاريندي سنڌ سرڪار کان رپورٽ طلب ڪئي آهي ته ٻڌايو وڃي ته سنڌ ۾ڪيترا ڊپٽي ڪمشنر سي ايس ايس ۽ ڪيترا وري پي سي ايس پاس آهن؟ جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته ڊپٽي ڪمشنرن کي انگريزي ۾ رپورٽ ڏيڻ جو چوندا آهيون ته اڪثر ضلعن جا ڊي سيز سوالن جو جواب ئي ناهن ڏئي سگهندا. عدالت سجاول ضلعي ۾ استعمال ٿيندڙ فنڊ جي آڊٽ ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ۾ سنڌ ۾ نڪرندڙ قدرتي گيس ۽ پيٽرول وارن علائقن ويجهو ترقياتي ڪمن بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران سوئي سدرن گيس ڪمپني آئل فيلڊن جي 5 ڪلوميٽرن جي حدن ۾ ايندڙ ڳوٺن کي گيس جي فراهمي بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو ته سنڌ جي 547 ڳوٺن کي 8 سالن ۾ گيس فراهم ڪئي ويندي، جنهن تي 6 ارب رپين جي لاڳت ايندي، هلندڙ سال 75 ڳوٺن کي گيس فراهم ڪري ڇڏينداسين، ايس ايس جي سي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته گيس جي فراهمي لاءِ وفاقي حڪومت 51 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڪالهه عدالت ۾ مٽياري جي ڊپٽي ڪمشنر مرتضيٰ علي شاهه ضلعي ۾ گيس ۽ آئل ڪمپنيز جي فنڊز سان تعمير ٿيندڙ منصوبن بابت آڊٽ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته فنڊز سموري ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ ڏنا ويا هئا، اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سموري ضلعي بجاءِ ڪجهه مخصوص علائقن ۾ ڪم ڪيو آهي،عدالت مٽياري ۾ تعمير ٿيل منصوبن کي غيرمعياري ۽ فنڊز جي استعمال کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي ڊي سي مٽياري کان پڇيو ته ايترو غيرمعياري ڪم ڇو ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي ڊي سي مٽياري مرتضيٰ علي شاهه چيو ته منهنجي مقرري هاڻ ٿي آهي، سمورا ترقياتي ڪم اڳوڻي ڊي سي مٽياري غلام حيدر چانڊيو جي نگراني ۾ ٿيا آهن، کيس 2 ارب رپين جا فنڊ مليا هئا، عدالت بدين، ٽنڊو الهيار، قمبر ، سجاول سميت اڪثر ضلعن جي ڊي سيز جي اهليت کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي سنڌ حڪومت کان سي ايس ايس ۽ پي سي ايس پاس ڊپٽي ڪمشنرن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران بدين، ٽنڊو الهيار، قمبر شهدادڪوٽ، سجاول سميت اڪثر ضلعن جا ڊي سيز جسٽس ڪي ڪي آغا پاران انگريزي ۾ ڪيل سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيا، جسٽس ڪي ڪي آغا قمبر جي ڊپٽي ڪمشنر قمر رضا بلوچ پاران انگريزي ۾ جواب نه ڏيڻ تي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جيڪڏهن هي رپورٽ توهان ٺاهي آهي ته ياد ڪري ٻڌايو ته ڪهڙا ڪهڙا منصوبا ٺاهيا اٿئو؟ ڊي سي قمبر قمر رضا بلوچ رپورٽ ڏسڻ بنا منصوبن بابت ٻڌائي نه سگهيو، توانائي واري سيڪريٽري ڊي سي قمبر جي معاونت ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته رپورٽ ڊي سي جي آفيسرن تيار ڪئي آهي، ڊي سي عدالت کي ٻڌايو ته پي پي ايڇ آءِ کي 2 ايمبولينس وٺي ڏنيون آهن، جنهن تي عدالت پڇيو ته هي پي پي ايڇ آءِ جو فل فارم ( پورو نالو )آهي؟ ڪنهن سياسي پارٽي کي منصوبي ۾شامل نه ڪريو، جنهن تي سيڪريٽري توانائي ٻڌايو ته پي پي ايڇ آءِ پيپلز پارٽي جو منصوبو ناهي، پروگرام جو نالو ئي پيپلز هيلٿ انيشيٽيو آهي. عدالت ملير ۽ ڪورنگي جي ڊپٽي ڪمشنرن پاران ڪراچي يونيورسٽي کي ريسرچ بابت فنڊ فراهم ڪرڻ تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت ٽنڊوالهيار جي ڊي سي کان پڇاڻو ڪندي چيو ته رپورٽ ۾ تصويرون سٺيون لڳايون اٿئو، منصوبن جا نالا به ٻڌايو، ڇا توهان ڪالهه جا ننڍڙا ٻار آهيو جو توهان کي منصوبن جا نالا ياد ناهن، ڇا اوهان به سفارش تي ڀرتي ٿيا آهيو؟، عدالت سيڪريٽري توانائي سان مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ کان ٻيا صوبا اڳتي نڪري ويا آهن، جنهن تي سيڪريٽري توانائي طارق شاهه چيو ته اهڙي صورتحال ۾ آئون ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، جنهن تي جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته اوهان يقينن هن صورتحال ۾ ڪجهه چئي نٿا سگهو، عدالت سجاول ضلعي ۾ استعمال ٿيندڙ فنڊز جي آڊٽ رپورٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.