حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن راندين واري کاتي ۾ اسسٽنٽ گريڊ 16هين جي عهدن تي ڀرتين لاءِ ورتل انٽرويوز جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. اهي انٽرويوز مارچ ۽ اپريل 2021ع تي ورتا ويا. مجموعي طور 22 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏئي سندن مقرري جي سنڌ حڪومت کي سفارش ڪئي وئي آهي. ٽن اميدوارن کي عورتن جي ڪوٽا، هڪ اميدوار کي اقليتي ۽ هڪ اميدوار کي معذور ڪوٽا تي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن ۾ ياسر علي، علي محب، محمد عمران، عبدالقدوس، محمد شريف، لاريب نياز، محمد جنيد الرحمان، عبدالوحيد، محمد وقاص بيگ، صمد الله مغل، دلاور، نجم الدين، ياسر حسين، مجاور علي، محمد سعيد نور، صفدر، مشتاق احمد، راشده، محمد اڪرم، ناديه ارم، ارم احسان ۽ ارون شامل آهن.