ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور لڳ انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن جي ڪاهه، مسافر گاڏين مٿان فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب ٽرالر ڊرائيور زخمي، اهلڪارن لڪي جان بچائي، هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس موبائيل کي تباهه ڪري ڇڏيو، خبر موجب ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد لنجو لاڙو وٽ 10کان وڌيڪ ڌاڙيلن حملو ڪري ڦر جي ارادي سان گاڏين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ڊرائيورن پاران گاڏيون نه روڪڻ تان هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ پشاور واسي ڊرائيور فضل ڪريم پٺاڻ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، هوڏانهن واقعي واري هنڌ موجود اهلڪارن جوابي فائرنگ شروع ڪئي ته هٿياربندن پوليس مٿان سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن سبب اهلڪارن لڪي جان بچائي، جڏهن ته فائرنگ ۾ شڪارپور پوليس جي موبائيل مڪمل طور تباهه ٿي وئي، اطلاع تي شڪارپور ۽ خانپور مان وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي، جڏهن ته هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين مقابلو جاري رهيو، جنهن بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، واقعي بعد مختلف ٿاڻن جي پوليس هٿياربندن جا پيرا کڻي ڪچي ۾ درياهه جي بند تي وڃائي واپس موٽي آئي، هوڏانهن زخمي ڊرائيور کي پوليس ڪرمپور اسپتال کڻائي آئي، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.