ٺٽو/ گهوڙاٻاري (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ، مختيار چانڊيو) پيرپٺو ويجھو هٿياربندن رشتيدار جو ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ بعد واپس موٽندي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب پير پٺو ويجهو گيل موريءَ جي ڳوٺ حاجي علي خشڪ جو رھواسي 38 سالن جو نوجوان غلام رسول عرف نورو خشڪ ولد ميرحسن خشڪ گذريل ڏينهن فوت ٿي ويل رشتيدار محمد خشڪ جو ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ بعد پير پٺي جي قبرستان مان موٽرسائيڪل تي چڙهي واپس پنهنجي ڳوٺ گيل موري اچي رھيو ھو ته ٻن نامعلوم ھٿياربندن سندس پيڇو ڪري گيل موري پير پٺو روڊ تي درگاھ قطب شاھ وٽ روڪي ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا. گوليون لڳڻ سبب نوجوان شديد زخمي ٿي پيو. ان دوران ھٿياربند جاءِ واردات تان فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي مقامي ڳوٺاڻن ۽ وارثن موقعي تي پھچي زخمي غلام رسول عرف نورو خشڪ کي انتھائي نازڪ حالت ۾ رورل ھيلٿ سينٽر ور شھر پھچايو پر ان کان اڳ نوجوان زخم جا سور نه سھندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. مقتول جي مڙھ کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ٺٽي نيو ويو. اطلاع ملڻ تي مقتول جي ڌر سان تعلق رکندڙ سوين ماڻھو سول اسپتال مڪلي ۾ گڏ ٿي ويا. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جي ابتدائي رپورٽ موجب مقتول کي ويجھڙائي کان چار گوليون لڳيون آھن، جنھن ڪري سندس موت واقع ٿيو. پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مڙهه گيل موري لڳ ڳوٺ حاجي علي خشڪ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. مقتول نوجوان جي امڙ ۽ گھرواري کي وقفي وقفي سان بيھوشي جا دورا پئجي رھيا هئا. معصوم ٻارڙا لاش کي چنبڙي زارو قطار اڇنگارون ڏئي روئي رھيا هئا. مقتول غلام رسول عرف نورو خشڪ کي پنجن ٻارن جو اولاد آهي. قتل جو ڪارڻ پراڻي دشمني ٻڌائي وڃي ٿي. رات دير سان جنازي نماز بعد مرحوم جو مڙھ پير پٺو جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي نوجوان جي قتل کان پوءِ خشڪ برادريءَ جي ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي. جڏهن ته گهوڙاٻاري ٿاڻي جي ايس ايچ او حميد روڌناڻي “پنهنجي اخبار” کي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته قتل واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي پر مقتول جي وارثن پاران هن مهل تائين ڪيس داخل ناهي ڪرايو ويو. قتل واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو آهي. وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.