ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن تي منٽرول نه ٿي سگهيو، مختلف هنڌن تي وڌيڪ 14 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي. خبر موجب قمبر ۾ وڌيڪ 5 ڄڻن کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. زخمين م مائره، سهانا، گل النساءِ، آفاق ۽ آفتاب علي شامل آهن، بڊاڻي ويجهو ڳوٺ ٿلهو شاخ جي رهواسي 55 سالن جي قربان علي کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، ٽنڊومستي ڀرسان ڳوٺ آندل ٿيٻو ۾ گاهه ڪندڙ ٻن عورتن نويدان زال محبوب علي ٿيٻو ۽ عاليه ڌيءُ امتياز علي ٿيٻو کي ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو. ڪولاب جيئل ڀرسان ڳوٺ غلام حيدر ھوندل ۾ ڪتن باغ علي کوکر کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي رولو ڪتن 5 ڄڻن کي ڏاڙھي وڌو، زخمين ۾ اعجاز، سھيل، منور، غلام شاھه ۽ علي گل شامل آهن. وارث ڏنو ماڇي لڳ يوسي وڏاٻوسڻ جي سيڪريٽري پاران ڪتا مار مهم هلائي وئي، جنهن دوران مختلف ڳوٺن ۾ 25 رولو ڪتن کي زهر ڏئي ماريو ويو. ڇاڇرو ۾ ڪتن جي ڏاڙهيل مريضن کي تعلقي اسپتال جي ايم ايس پاران 15 کان وڌيڪ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ باوجود يوسي سيڪريٽريز ۽ ٽائون آفيسر خلاف ڪيس داخل ناهن ٿيا.