فريدآباد (ن پ ا) فريد آباد ۾ سڱاوتي تڪرار تان پوليس پيءُ پٽ کي مبينا کنڀي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺ سوجھرو ميرواڻي ۾ 11 اپريل تي ميرپور واسي يار محمد چانڊيو ۽ علي شير چانڊيو وچ ۾ سڱاوتي مسئلي تان مبينا طور قمبر شهدادڪوٽ پوليس فريدآباد پوليس سان گڏجي ڳوٺ سوجھرو ميرواڻي تي چڙهائي ڪري علي شير چانڊيو جي گهرن ۾ گھڙي سندس ڌر سان وابسته ھمت چانڊيو ۽سندس پٽ يارھين ڪلاس جي شاگرد عمران چانڊيو کي گرفتار ڪري کڻي وڃي لڪائي ڇڏيو. پي پٽ ٻن ڏينهن کان گم آهن، جڏهن ته فريدآباد پوليس ھمت ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪري کڻي وڃڻ کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ھو پي پٽ جي گرفتاري کان اڻڄاڻ آهي ۽ نه ئي سندن وارثن اھڙي ڪا رپورٽ داخل ڪرائي آهي. ٻئي طرف علائقي ۾ اطلاع آھن ته ھڪ بااثر سردار جي سڏ تي نه وڃڻ ۽ بااثرسردار جو ڏنل خط ڦاڙڻ تي بااثر پاران پوليس موڪلي پي پٽ کي پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي علائقي ۾ پنھنجو دٻدٻو ويھارڻ لاءِ کين گم ڪيو آهي. پيءُ ۽ پٽ کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ تي سندن وارث عنايت چانڊيو، سليم الله چانڊيو ۽ ٻيا سخت پريشان حال بڻيل آهن. ياد رهي ته ۾ مٽي مائٽي واري مسئلي تان يار محمد چانڊيو علائقي جي وڏيرن چڱن مڙسن ۽ پوليس وٽ دانھيندو رھيو ته ھن پنھنجي ڌي جوسڱ علي شير جي پٽ کي ڏنو ۽ ان عيوض علي شير چانڊيو پنهنجي پوٽي منهنجي پٽ جي نالي ڪئي ھاڻ ھن ڏاڍ مڙسي ڪري پنهنجي پوٽي جو سڱ منهنجي پٽ کي ڏيڻ بجاءِ ھمت جي پٽ عمران چانڊيو کي ڏنو آهي.